پاڪستاني اداڪارھ حنا الطاف ھڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران پيش ايندڙ خوفناڪ ۽ غير محفوظ تجربي بابت انڪشاف ڪندي عورتن کي پيش ايندڙ ھراساني جي مسئلي تي آواز بلند ڪيو.
اداڪارھ پنھنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ٻڌايو آھي تہ شوٽنگ سيٽ تي موجود ھڪ شخص مونکي شديد غير محفوظ ۽ بيحد غير آرامدھ محسوس ڪرايو.
حنا الطاف مطابق جيئن ئي ان شخص مون سان ڳالھايو، مون کي فوري طور اندازو ٿي ويو تہ صورتحال محفوظ ناھي، مون فوري طور تي پاڻ کي ان ماحول مان الڳ ڪيو ۽ لاڳاپيل پروڊڪشن ھائوس کي ان رويي جي باري ۾ رپورٽ بہ ڪري ڇڏيو.
اداڪارھ جي ان بيان بعد سوشل ميڊيا صارفين سندس حوصلي ۽ بھادري جي سراھ ڪئي ۽ ڀرپور حمايت جو اظھار ڪيو آھي.
ھڪ صارف لکيو آھي تہ ان شخص جو نالو سامھون آندو وڃي، اوھان تمام بھادر آھيو، جڏھن تہ ھڪ ٻئي صارف چيو آھي تہ عورتن کي ھر ھنڌ اھڙن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، ھڪ تصبري ۾ لکيو ويو تہ عورت ھئڻ عذاب بڻايو ويو آھي.