جي ايس ٽي سائنس اميدوارن جو احتجاج ، 20 هزار ڀرتين جو مطالبو

فہرستِ مضامین

راڄوخاناڻي (رپورٽ: عبدالرحمن نظاماڻي) راڄوخاناڻي پريس ڪلب آڏو جي ايس ٽي سائنس ۾ 40 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن پاران پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي حڪومت کان 40 سيڪڙو پاسنگ معيار مقرر ڪري سائنس استادن جي ڀرتي جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي بابر نظاماڻي، عبدالصمد نظاماڻي، توحيد ڪنڀار، بلال انصاري ۽ فرقان نظاماڻي چيو ته جڏهن ٻين تدريسي ڀرتين ۾ گهٽ پاسنگ معيار لاڳو ڪيو ويو آهي ته جي ايس ٽي سائنس لاءِ به 40 سيڪڙو پاسنگ مارڪون مقرر ڪيون وڃن.

هنن سنڌ حڪومت، اسپيشل ڪاميٽي جي چيئرمين سيد اويس قادر شاهه ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته 20 هزار سائنس استادن جي ڀرتي جو اعلان ڪيو وڃي.

مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.

ڳوٺ نظر محمد شاهه بنيادي سهولتن کان محروم، پيئڻ جي پاڻي ۽ روڊ جي فراهمي جو مطالبو

راڄوخاناڻي (رپورٽر) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ نظر محمد شاهه جا رهواسي پيئڻ جي مٺي پاڻي، روڊ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ جر جو مٺو پاڻي موجود نه هجڻ ڪري عورتون، ٻار، بزرگ ۽ ٻيا رهواسي روزانو ميلن جا فاصلا طئي ڪري ڀرپاسي جي علائقن مان پيئڻ لاءِ پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته صاف ۽ مٺو پاڻي هر شهري جو بنيادي حق آهي، پر افسوس جو اڄ تائين سندن ڳوٺ ۾ اهڙي ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب روزمرهه جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.

ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي ضلعي انتظاميه، ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ نظر محمد شاهه کي پيئڻ جي صاف پاڻي، روڊ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن رهواسين جون ڏکيائون ختم ٿي سگهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں