ميرپورخاص جي ھڪ خانگي يونيورسٽي ۽ ڪاليج اندر مبينا طور استادن ۽ شاگردن پاران ھراسان ۽ ذھني ٽارچر ڪرڻ بعد آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فھميدا لغاري واقعي جي جاچ جي سلسلي ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ھڪ ٽيم ڄاڻايل يونيورسٽي پھتي، جتي ھن يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميا کان تفصيل ورتا. ان موقعي تي فھميدا لغاري جي وارثن، شاگردن توڙي شاگردياڻين وسيم لغاري، دعا لغاري ۽ شفا زھريٰ جي اڳواڻيءَ ۾ يونيورسٽي جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ھنن چيو تہ ڄاڻايل يونيورسٽي مھانگيون فيون وٺڻ باوجود شاگردياڻين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي ۽ ھتي شاگردياڻين کي ھراسان ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو شڪايتن باوجود ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ يونيورسٽي اندر ھراسمينٽ جو ھي ٽيون واقعو آھي، ان ڪري ھن يونيورسٽي جي سڌاري تائين سندس لمس سان ايفليئيشن ختم ڪئي وڃي. ھنن اھو پڻ چيو تہ ميرپورخاص اندر سرڪاري سطح تي جُڙندڙ ميڊيڪل ڪاليج کي 12 سال ٿي چُڪا آھن پر اڃا تائين اھو ناھي جُڙي سگھيو جنھن سبب مجبورن نياڻين کي خانگي اداري ۾ داخلا وٺڻي پئي ٿي، جتان سندن لاش ملن ٿا.