بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثن، فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

فہرستِ مضامین

بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثن، فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا.

ڊي ايس پي چاغي عابد شيرزئي مطابق چاغي جي صدر مقام دالبندين ويجھو آر سي ڊي شاھراھ تي ھڪ ڪار ۽ بوزر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

پوليس ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏھن دالبندين طرفان ايندڙ ڪار جو ٽائر ڦاٽي پيو جنھن سبب گاڏي بي قابو ٿي سامھون ايندڙ بوزر سان ٽڪرائجي وئي، ڪار ۾ سوار تمام ماڻھو افغان شھري ھئا جيڪي غير قانوني طور تي سفر ڪري رھيا ھئا.

پوليس مطابق خانوزئي جي علائقي تعلقي نانا صاحب جي ويجھو ڪلي ميان شاخ وٽ لوڊر رڪشو کڏي ۾ ڪرڻ سبب سپن ٽڪي نانا صاحب جا رھواسي 5 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا.

ھوڏانھن گڏاڻي جي سمنڊ ۾ 24 سالن جو حماد ۽ 17 سالن جو محسن ٻڏي فوت ٿي ويا، حب جي علائقي حسن پير ويجھو فائرنگ ۾ گل محمد نالي شخص مارجي ويو جڏھن تھ گڏاڻي اسٽاپ ويجھو پوليس ھڪ عورت جو لاش ھٿ ڪري سڃاڻپ لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس مطابق نوشڪي جي علائقي ڪلي جمالديني ۾ نامعلوم ھٿياربندن بوائز ھاءِ اسڪول جي لائبريري ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا حق نواز جمالديني ۽ محمد اڪرم جمالديني مارجي ويا.

ان کان علاوھ ضلعي ڪچي جي تعلقي ڀاگ جي ڳوٺ وضوع لعلو گجر ۾ ھڪ شخص فائرنگ ڪري پنھنجي گھرواري ۽ ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں