اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي آزاد جمون و ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سياسي صورتحال، موجوده چئلينجن ۽ تنظيمي معاملن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ تشدد ۽ جهيڙيڪاري کان پاسو ڪندي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. بلاول ڀٽو زرداري اجلاس دوران آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي بنياد مسئلو ڪشمير تي رکيل آهي ۽ پارٽي هميشه ڪشميرين جي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏني آهي.
هن چيو ته سياسي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن ۽ آزاد ڪشمير جا معاملا به گڏيل مشاورت ۽ سياسي ڊائلاگ وسيلي حل ٿيڻ گهرجن. بلاول ڀٽو اعلان ڪيو ته هو جلد وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سان ملاقات ڪري آزاد ڪشمير جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
اجلاس ۾ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي سياسي معاملن جي انچارج ۽ پارٽي جي عورتن واري شعبي جي صدر فريال ٽالپر به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال، اندروني اختلافن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
پارٽي قيادت جو چوڻ هو ته جمهوري عمل جي تسلسل ۽ سياسي استحڪام لاءِ سڀني ڌرين کي برداشت ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن علائقي ۾ امن ۽ سياسي هم آهنگي برقرار رهي سگهي.