بجيٽ اجلاس دوران اپوزيشن جو پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اپوزيشن بجيٽ اجلاس دوران پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

پي ٽي آءِ جي چيئرمين نئريسٽر گوھر خان چيو آهي ته اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت پنهنجا هدف حاصل نه ڪري سگهي آهي، نه ئي معيشت بهتر ٿي آهي ۽ نه ئي ٽيڪس گڏ ٿي سگهيا آهن، هي حڪومت ناڪام آهي.

بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته سندن هڪ نقطي وارو ايجنڊا آهي ته باني پي ٽي آءِ جو علاج ڪرايو وڃي ۽ ملاقات به ڪرائي وڃي. هن باني پي ٽي آءِ جي علاج ۽ ملاقات بابت سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي.

هن چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پارليامينٽ سامهون ڌرڻو ڏيندو، جڏهن ته سهيل آفريدي سڀني اسيمبلي ميمبرن کي پارليامينٽ پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي. سهيل آفريدي بجيٽ تي مشاورت لاءِ باني چيئرمين سان ملاقات جو پڻ مطالبو ڪيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں