لائیو اڪشي مذاق ۾ ان قدر خوفزدھ ڪيو ھو جو مون معافي گھري: جيڪولين

فہرستِ مضامین

اداڪارھ جيڪولين فرنينڊس انڪشاف ڪيو آھي تھ فلم ھائوف سل جي سيٽ تي اڪشي ڪمار جي ھڪ مذاق کيس خوفزدھ ڪري ڇڏيو ھو.

اھو انڪشاف ھن اڪشي جي گيم شو “وھيل آف فارچون” جي آخري قسط ۾ ڪيو جنھن ۾ فرح خان ۽ ڀومي پاڊنيڪر بھ شريڪ ھيون.

جيڪولين چيو منھنجو پھريون آئٽم سانگ “دھنو” ھو ۽ ان وقت اڪشي مون سان تمام خراب ڀوڳ ڪيو ھو جنھن سان مون کي ٽراما ٿي ويو ھو.

ھن چيو تھ اڪشي کيس يقين ڏياريو تھ پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي آھي جنھن سبب ھوءَ پوري شوٽ دوران خوفزدھ رھي، بعد ۾ اڪشي مذاق ۾ چيو تھ اصل خوف ان لاءِ ھو ڇو تھ ان وقت جيڪولين وٽ ويزا نھ ھو ۽ ھن معافي بھ گھري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں