اپوزيشن کي چوان ٿو ته اچو ميثاقِ معيشت ۽ جمهوريت طرف وڌون: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چئي چڪو آهيان ته اپوزيشن کي اڄ به چوان ٿو ته اچو گڏ ويهون ۽ ميثاقِ معيشت ۽ ميثاقِ جمهوريت طرف اڳتي وڌون۔

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سياست پنهنجي پنهنجي، ويزن پنهنجو پنهنجو، خيال پنهنجا پنهنجا، پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان لاءِ جيڪا به قرباني ڏجي اها گهٽ آهي۔

وزيراعظم چيو ته هي ايوان هڪ گهر جيان آهي، مون اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جي تقرير ڌيان سان ٻڌي، سياست ۽ خيال پنهنجا پنهنجا آهن، پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون۔

هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏينهن رات دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪري وڃن ٿا، پر ڪروڙين ماڻهن جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچائن ٿا، اسان کي انهن قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي۔

شهباز شريف چيو ته صوبن جي وسيلن تي صوبن جو حق آهي، ان تي ڪو اختلاف ناهي، اوهان ريڪوڊڪ معاهدو پڙهي ڏسو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو، اهو معاهدو بلوچستان جي اڳواڻن سان مشاورت سان ڪيو ويو هو۔

وزيراعظم چيو آهي ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو 100 سيڪڙو وڌايو ويو، هي ڪو احسان ناهي پر ياد ڏيارڻ لاءِ چئي رهيو آهيان۔

هن چيو ته اپوزيشن ليڊر چيو ته صوبن جي معاشي وسيلن تي انهن جو حق آهي، ان تي ڪا به ٻه راءِ يا اختلاف ناهي، بلوچستان جي عوام جا حصا ڪو لڪل راز نه آهن، سڀ ڪجهه واضح آهي، ريڪوڊڪ ۾ بلوچستان جي عوام جو حصو هڪ روشن مثال آهي۔

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي جتي بهادر ۽ غيرتمند ماڻهو رهن ٿا، بلوچستان لاءِ پنجاب ۽ سنڌ به پنهنجو حصو وڌو آهي، بلوچستان ۾ هارين کي 75 ارب رپين جي لاڳت سان سولر پينل ڏنا ويا آهن، جڏهن ته گوادر کان چمن تائين روڊ تعمير ٿي رهيو آهي جيڪو هاءِ وي جي معيار مطابق هوندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں