ايورسٽ تي معجزو: مئل سمجهيو ويل گائيڊ ڇهن ڏينهن بعد برف تي سُرڪندو زندھ ملي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)

دنيا جي بلند ترين چوٽي ايورسٽ تان هڪ اهڙي حيرت انگيز خبر سامهون آئي آهي، جنهن کي جبلن جي دنيا ۾ ”معجزو“ قرار ڏنو پيو وڃي. نيپال جو تجربيڪار شيرپا گائيڊ دوا شيرپا، جيڪو ڇهن ڏينهن کان گم هو ۽ جنهن کي تقريباً مئل سمجهيو ويو هو، اوچتو زندهه حالت ۾ ملي ويو. هو برف تي سُرڪندو ۽ رينگندو بيس ڪيمپ ڏانهن پهچي رهيو هو، جڏهن صفائي واري ٽيم سندس ساهه هلندڙ حالت ۾ ڏٺو.

دوا شيرپا، جنهن جي عمر 52 سال ٻڌائي وڃي ٿي، 29 مئي تي ايورسٽ تان لهندي گم ٿي ويو هو. هو هڪ پولش جبل چاڙهيندڙ سان گڏ مهم تي هو، پر خراب موسم ۽ انتهائي خطرناڪ حالتن دوران ساڻس رابطو ٽٽي ويو. سندس ساٿي ته بيس ڪيمپ تائين پهچي ويو، پر دوا شيرپا جو ڪو پتو نه پيو.

ايورسٽ جي 7 هزار ميٽرن کان وڌيڪ اوچائي واري علائقي کي ”ڊيٿ زون“ يعني موت جو علائقو چيو ويندو آهي، جتي آڪسيجن انتهائي گهٽ هوندي آهي ۽ انسان جو گهڻو وقت زندهه رهڻ تقريباً ناممڪن سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري جڏهن ڪيترن ڏينهن تائين دوا شيرپا جو ڪو سراغ نه مليو ته سندس خاندان ۽ ساٿين يقين ڪري ورتو ته هو فوت ٿي چڪو آهي. سندس گهر ڀاتين ته جنازي جون رسمون به شروع ڪري ڇڏيون هيون.

پر 4 جون تي هڪ غير متوقع واقعو پيش آيو. ساگارماتها پوليشن ڪنٽرول ڪميٽي (SPCC) جي صفائي ٽيم، جيڪا ايورسٽ تان رسا، ڏاڪڻيون ۽ ڪچرو هٽائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي، خمبو آئس فال جي ويجهو هڪ شخص کي برف تي آهستي آهستي سُرڪندي ڏٺو. ويجهو وڃڻ تي معلوم ٿيو ته اهو دوا شيرپا آهي، جيڪو ڇهن ڏينهن جي اذيت برداشت ڪرڻ باوجود زندهه هو.

رپورٽن موجب دوا شيرپا وٽ نه کاڌو هو، نه پاڻي ۽ نه ئي اضافي آڪسيجن. سخت سردي، برفاني هوائن ۽ آڪسيجن جي کوٽ جي باوجود هن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻ کي بچائي رکيو ۽ آهستي آهستي هيٺ لهندو رهيو. جبلن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شايد هن خالي خيمن ۾ پناهه ورتي هجي، جنهن سبب هو حيات رهي سگهيو.

بچاءُ ٽيم کيس فوري طور هيٺ آندو، کاڌو ۽ پاڻي ڏنو ويو، جنهن بعد هيليڪاپٽر ذريعي ڪٺمنڊو جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب سندس هٿن ۽ آڱرين کي سخت ٿڌ سبب فراسٽ بائيٽ ٿيو آهي، پر هو هوش ۾ آهي ۽ ڳالهائي به رهيو آهي.

دوا شيرپا جي زال دمو شيرپا چيو ته خاندان سندس وفات جون رسمون ادا ڪري رهيو هو، جڏهن کين مقامي خبرن ذريعي معلوم ٿيو ته هو زندهه ملي ويو آهي. شروعات ۾ کين يقين ئي نه آيو، پوءِ تصويرون ڏسي پڪ ٿي ته واقعي اهو سندن پنهنجو ماڻهو آهي.

نيپال جي جبل چاڙهيندڙ برادري هن واقعي کي ايورسٽ جي تاريخ جي سڀ کان حيرت انگيز بچاءَ واري واقعن مان هڪ قرار ڏنو آهي. ڪيترن ماهرن جو چوڻ آهي ته ايتري اوچائي تي اڪيلي سر لڳاتار ڇهن ڏينهن تائين زندهه رهڻ ۽ پوءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪندي هيٺ پهچڻ هڪ نادر مثال آهي.

هي واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڏياري ٿو ته ايورسٽ جي برفاني دنيا ڪيتري بي رحم ۽ خطرناڪ آهي، پر ساڳئي وقت انساني همت، بقا جي خواهش ۽ شيرپا برادري جي غير معمولي جسماني سگهه جا به اهڙا مثال گهٽ ئي ملن ٿا، جيڪي دوا شيرپا جي هن ڪهاڻي ۾ نظر اچن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں