اسلام آباد: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس ايندڙ مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 45 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي۔
ان سلسلي ۾ پائيڊ ثبوتن تي ٻڌل هڪ فريم ورڪ تجويز ڪيو آهي، جنهن تحت مالي سال 27-2026ع لاءِ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو 45 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔
پائيڊ موجوده 40 هزار رپين جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي مقابلي ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ 12.5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني آهي۔
رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ پگھار جي پاليسي هاڻي رڳو ليبر ڊپارٽمينٽ تائين محدود معاملو نه رهي آهي، پر اها گهريلو خريداري جي سگهه، غربت جي خطرن، غير رسمي روزگار، مقامي طلب، پيداواري ترغيبات ۽ مجموعي سماجي استحڪام تي سڌو سنئون اثرانداز ٿئي ٿي۔
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2026 دوران جولاءِ کان اپريل تائين اوسط مهانگائي جي شرح 6.19 سيڪڙو رهي، جڏهن ته اپريل 2026 ۾ سالياڻي بنياد تي مهانگائي 10.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔