بجيٽ کان اڳ ايم ڪيو ايم جي وفد مطالبن جي منظوري لاءِ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي۔
ملاقات دوران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن، بلدياتي حڪومتن بابت تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل ۽ سنڌ ۾ گورنر جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي۔
ذريعن موجب وزيراعظم ڪراچي لاءِ 20 ارب رپيا ۽ حيدرآباد لاءِ 5 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل بابت به ايم ڪيو ايم سان گڏجي پيپلز پارٽي سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي۔
وزيراعظم شهباز شريف ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت ڪري ٿي۔
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد گورنر سنڌ جي معاملي تي به وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ گورنر شپ ايم ڪيو ايم جو حق آهي۔
حڪومت طرفان چيو ويو ته هن وقت گورنر سنڌ بابت معاملا مڪمل ٿي چڪا آهن، ۽ ايندڙ وقت ۾ موقعو مليو ته اهو معاملو ڏٺو ويندو۔
ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اسحاق ڊار، راڻا ثناء الله، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، عطاء تارڙ ۽ توقير شاهه موجود هئا۔