ايمنسٽي انٽرنيشنل جو عالمي برادري کان فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف ڪارروائي جو مطالبو

فہرستِ مضامین

لنڊن: (ويب ڊيسڪ) ايمنسٽي انٽرنيشنل عالمي برادري کان فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل فلسطين ۾ اسرائيل جي غير قانوني قدمن بابت 149 صفحن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪئي آهي۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اولهه ڪناري (ويسٽ بئنڪ) مان فلسطينين جي جبري بيدخلي اسرائيل جي منظم ۽ مربوط پاليسي جو نتيجو آهي۔

رپورٽ موجب اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي لاءِ رياستي سرپرستي هيٺ هلندڙ مهم کي تيز ڪيو آهي، جنهن ۾ فلسطينين کي قبضي هيٺ علائقن مان زبردستي بيدخل ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ شامل آهي۔

ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاريون گڏيل قومن جي قراردادن موجب غير قانوني آهن، ۽ دنيا کي فلسطينين جي نسل ڪشي بابت اسرائيل جي قدمن خلاف عملي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں