ايران سان ڳالھيون جاري، ڪنھن کي پتو ناھي انجام ڇا ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي خاتمي بابت خبرن کي رد ڪندي انهن کي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي۔

سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته اهي رپورٽون درست ناهن ته ايران ۽ آمريڪا ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه بند ڪري ڇڏي آهي۔

هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي ۽ اڄ به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي۔

ڊونلڊ ٽرمپ موجب ڳالهين جو نتيجو ڇا نڪرندو، ان بابت هن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر ايران کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هڪ معاهدو ڪيو وڃي۔

آمريڪي صدر چيو ته ايران گذريل 47 سالن کان ساڳئي طريقي سان معاملا هلائيندو پيو اچي ۽ اها صورتحال وڌيڪ جاري نٿي رهي سگهي۔

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي اڃا تائين برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو پيو اچي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں