ڪراچي ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي گرفتاري واري معاملي تي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا وڏو انتظامي قدم کڻندي ڏکڻ ضلعي جي 20 پوليس اھلڪارن کي زون بدر ڪري ڇڏيو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا مطابق ڄاڻايل اھلڪار ڊگھي عرصي کان ڏکڻ ضلعي جي مخصوص ٿاڻن ۾ مقرر ھئا ۽ انھن جي خلاف غير سماجي سرگرمين ۽ نظم ضبط جي خلاف ورزين ۾ ملوث ھئڻ جي نشاندھي ٿي ھئي.
ھن چيو تہ کاتيوار تحقيقات دوران 20 اھلڪارن جي نشاندھي ڪئي وئي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا اھو بہ چيو آھي تہ اھي اھلڪار اثر رسوخ استعمال ڪري ڏکڻ ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ مقرري حاصل ڪندا رھيا آھن.