منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار انمول پنڪي جي نشاندھي تي پوليس ڪراچي جي علائقي چل ۾ ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻي ڪوڪين ھٿ ڪري ورتي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا مطابق گھر مان ڪوڪين ۽ منشيات سپلاءِ ڪرڻ لاءِ پيڪٽ ھٿ آيا آھن، ان حوالي سان سچل ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
ھن چيو تہ ھٿ آيل منشيات پنڪي طرفان گھر ۾ لڪائي وئي ھئي جيڪا مختلف علائقن ۾ ڊيليور ٿيڻي ھئي.
واضح رھي تہ ڪوڪين ڊيلر انمول عرف پنڪي پنھنجي ڀائرن سان گڏجي ڪوڪين سپلاءِ جو نيٽ ورڪ ٺاھيو، انمول ڪوڪين ٺاھڻ جو طريقو انٽرنيٽ تان سکيو ۽ باقاعدھ ڪوڪين جو پنھنجو ھڪ برانڊ ٺاھيو.
پنڪي شروع ۾ پنھنجي اڳوڻي مڙس سان گڏجي ڪوڪين جو ڪم شروع ڪيو جيڪو ھڪ وڪيل ھو ۽ عالمي ڪوڪين گينگ ۾ ڪم ڪندو ھو.