امريتا سنگھ سارھ علي خان کي ڪھڙي تنبيھ ڪئي ھئي؟

فہرستِ مضامین

ڀارتي بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته اوچتو ملندڙ ڪاميابي ڪڏھن ڪڏهن خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿي، ۽ سندس ماءُ امريتا سنگهه کيس فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي ان ڳالهه کان خبردار ڪيو هو۔

هڪ تازي انٽرويو دوران سارا علي خان پنهنجي فلمي سفر بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن 2018ع ۾ فلم “ڪيدر ناٿ” سان بالي ووڊ ۾ قدم رکيو، جنهن ۾ سندس ساٿي اداڪار مرحوم سوشانت سنگهه راجپوت هئا۔ فلم رليز ٿيڻ بعد سارا کي وڏي مقبوليت ملي ۽ کيس نئين نسل جي ڪامياب اداڪارائن ۾ شمار ڪيو ويو۔

سارا چيو ته شروعاتي ٻن فلمن جي ڪاميابي کانپوءِ کيس غيرمعمولي شهرت حاصل ٿي، پر پوءِ سندس فلمون “لوو آج ڪل” ۽ “قلي نمبر ون” باڪس آفيس تي ناڪام رهيون، جنهن بعد کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو۔

اداڪارا موجب سندس ماءُ امريتا سنگهه کيس هميشه چوندي هئي ته اوچتو ملندڙ شهرت ۽ ڪاميابي خوفناڪ به ٿي سگهي ٿي، ڇو⁠تہ هر شيءِ تمام تيزي سان بدلجي وڃي ٿي۔ سارا چيو ته “منهنجي زندگيءَ ۾ به اهو ئي ٿيو، مون تمام ٿوري وقت ۾ وڏي ڪاميابي ڏٺي، پر پوءِ ناڪاميءَ جو دور به ڏسڻو پيو، جنهن مون کي حقيقت جي ويجهو آندو”۔

سارا علي خان وڌيڪ چيو ته هوءَ مثبت تنقيد کي وڏي اهميت ڏئي ٿي، جڏهن⁠تہ غيرضروري شور شرابي ۽ سوشل ميڊيا جي منفي تبصرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي۔ سندس چوڻ هو ته هڪ فنڪار لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي خامين کي سمجهي ۽ پاڻ ۾ بهتري آڻي۔

هن چيو ته ناڪامي انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي ۽ هاڻي هوءَ پنهنجي ڪم کي وڌيڪ سنجيدگي ۽ سمجهه سان ڏسندي آهي۔

واضح رھي ته سارا علي خان هن وقت پنهنجي نئين فلم “پتي پتني اور وه ٽو” جي تشهير ۾ مصروف آهي، جيڪا هدايتڪار مدثر عزيز جي فلم آهي۔ اها فلم 2019ع ۾ رليز ٿيل فلم “پتي پتني اور وه” جو سيڪوئل آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں