ڪراچي:
سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي بورڊ امتحانن ۾ نقل (ڪاپي) روڪڻ لاءِ انتهائي سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻي نقل ۾ ملوث شاگردن ۽ عملي خلاف “زيرو ٽالرنس” پاليسي لاڳو ڪئي ويندي۔
صوبائي وزيرِ تعليم سردار شاھ ۽ وزيرِ يونيورسٽيز و بورڊ اسماعيل راهو گڏيل بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته:
نقل ڪندي پڪڙيل شاگردن کي فوري طور امتحان مان خارج ڪيو ويندو
انهن جا سڀ پيپر رد ڪيا ويندا
۽ کين مستقبل ۾ ڪنهن به بورڊ امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
حڪومت واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد وٽ:
موبائل فون
يا نقل جو ڪو به مواد مليو ته کيس فوري طور امتحاني مرڪز مان ڪڍيو ويندو۔
بيان موجب رڳو شاگرد نه پر امتحاني عملي تي به سخت نظر رکي ويندي
جيڪڏھن ڪو انويجيليٽر، سپروائيزر يا آفيسر نقل ڪرائڻ ۾ ملوث مليو ته ان خلاف رڳو کاتي جي ڪارروائي نه پر نوڪري مان برطرفي به ڪئي ويندي.
صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته امتحاني مرڪزن تي نگراني جو نظام وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي بدعنواني يا مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي۔
حڪومت موجب شفاف ۽ منصفاڻو امتحاني نظام يقيني بڻائڻ لاءِ اهي قدم لازمي آهن، ڇو ته نقل تعليم جي معيار کي سخت نقصان پهچائي رھي آهي۔
تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن هن پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو ويو ته سنڌ ۾ امتحاني نظام ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي، پر ان لاءِ مستقل نگراني ۽ سياسي ارادي جي به ضرورت هوندي۔