افغان طالبان جو پاڪستان تي خوست، ڪنڙ ۽ پڪتيڪا ۾ فضائي حملن جو الزام، ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي مارڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

ڪابل/اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

افغانستان ۾ طالبان حڪومت پاڪستان تي الزام لڳايو آهي ته هن اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات افغان فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي سرحدي علائقن ۾ فضائي حملا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.

طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد سوشل ميڊيا پليٽ فارمن فيس بڪ ۽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني فوج افغانستان جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر وارن صوبن ڪنڙ، خوست ۽ پڪتيڪا ۾ عام شهرين جي گهرن کي نشانو بڻايو. هن الزام هنيو ته حملن ۾ شهري آبادي متاثر ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جي جان وئي آهي.

ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان سان گڏ ڪجهه ٻارن جون تصويرون پڻ جاري ڪيون آهن ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن حملن ۾ 11 ٻار، هڪ عورت ۽ هڪ عمر رسيده شخص مارجي ويا آهن. بهرحال، انهن دعوائن ۽ هلاڪتن جي انگن اکرن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

طالبان حڪومت جي مقامي عملدارن موجب، صوبي خوست جي ضلعي سپيرا جي هڪ ڳوٺ تي ڪيل مبينا فضائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا آهن. خوست ۾ طالبان گورنر جي ترجمان موجب مارجي ويلن ۾ ٻار ۽ هڪ عورت پڻ شامل آهن.

ٻئي طرف صوبي پڪتيڪا جي سرحدي ضلعي برمل مان به ٽن ماڻهن جي هلاڪت جون رپورٽون سامهون آيون آهن. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته فضائي حملا رات جو لڳ ڀڳ هڪ وڳي ڪيا ويا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

طالبان حڪومت انهن حملن کي افغانستان جي خودمختياري ۽ فضائي حدن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. طالبان اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته اهڙيون ڪارروايون ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي منفي اثر وجهي سگهن ٿيون.

هوڏانهن پاڪستاني حڪومت ۽ فوجي اختيارين طرفان خبر لکجڻ تائين انهن الزامن تي ڪو به سرڪاري ردعمل سامهون نه آيو آهي. پاڪستان نه ته فضائي حملن جي تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي طالبان طرفان ڄاڻايل هلاڪتن بابت ڪو بيان جاري ڪيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ عسڪريت پسندن جي موجودگي بابت تڪرار گذريل ڪجهه سالن کان جاري آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ وقت بوقت هڪ ٻئي تي سرحد پار حملن ۽ مداخلت جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں