اسرائيل خودمختياري جو احترام ڪندي لبناني علائقن مان نڪري وڃي: پاڪستان

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: پاڪستان لبنان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام، فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل جي بليو لائين تائين مڪمل واپسي پڻ شامل آهي۔

اھڙو اظھار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد لبنان جي صورتحال بابت سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس دوران ڪيو۔

پاڪستان جي مستقل نمائندي اهو بيان اهڙي وقت ڏنو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم Truth Social تي پوسٽ ڪندي چيو ته سندس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان انتهائي نتيجه خيز ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسرائيل بيروت ڏانهن ڪا به فوج نه موڪليندو۔

بعد ۾ لبنان، حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جزوي جنگبندي جو اعلان ڪيو۔ واشنگٽن ۾ لبنان جي سفارتخاني موجب هن معاهدي سان ملڪ ۾ تڪرار مڪمل طور ختم نه ٿيندو، پر ان تحت اسرائيل بيروت ۽ حزب الله جي ڪنٽرول هيٺ مضافاتي علائقن تي حملا نه ڪندو، جڏهن ته ايران جي حمايت يافته گروپ حزب الله به اسرائيل تي پنهنجا حملا روڪي ڇڏيندو۔

سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي عاصم افتخار احمد چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ جنگبندي جي انتظامن ۽ سڌين ڳالهين باوجود لبنان ۾ سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۽ لبناني علائقن ۾ زميني دراندازي ۾ به واڌ ٿي آهي۔

هن چيو ته 2 هزار چورس ڪلوميٽر علائقو، جيڪو لبنان جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصي جي برابر آهي، هاڻي اسرائيل جي غير قانوني قبضي هيٺ آهي، جڏهن ته غير قانوني انخلا جا حڪم شهرين لاءِ وڌيڪ تڪليفن جو سبب بڻجي رهيا آهن۔

پاڪستاني مستقل نمائندي چيو ته لڳي ٿو ته اها ساڳي حڪمت عملي ۽ ساڳيو طريقو آهي، جيڪو اسان ٻين هنڌن تي به ڏٺو آهي، يعني بي دريغ قتل عام، زبردستي بيدخلي ۽ قبضو۔

هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال مارچ کان هينئر تائين لبنان ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 3,400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن۔

اسرائيل جي غير ذميواراڻين ڪاررواين جي مذمت ڪندي عاصم افتخار چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٿيندڙ سڀني سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو۔

لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ لاءِ آمريڪي ڪوششن جي آجيان ڪندي ۽ ان عمل ۾ مسلسل شموليت جي حمايت ڪندي پاڪستاني مستقل نمائندي وڌيڪ چيو ته پائيدار امن رڳو ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں