پاڪستاني اداڪارھ صنم سعيد ۽ ماڊل روما رياض ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪنديون.
فلمي دنيا جي فيسٽيول ڪانز فلم فيسٽيول ۾ صنم سعيد پنھنجو ڊيبيو ڪرڻ وڃي رھي آھي.
اداڪارھ کي سائوٿ ايشين ويمن ايڪسيلينس ان سنيما اينڊ آرٽس (South Asian Women Excellence in Cinema & Arts) جي پھرين اعزازي گروپ ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
ان حوالي سان صنم سعيد پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ويڊيو شيئر ڪندي چيو تہ ھوءَ ڪانز ۾ “بيگم شميم آرا” جي ليگيسي سان گڏ وڃي رھي آھي.
ٻئي طرف پاڪستاني ماڊل روما رياض بہ عالمي اسٽيج تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.
واضح رھي تہ 2018 ۾ پاڪستاني اداڪارھ ماھرھ خان ڪانز ريڊ ڪارپٽ تي ڊيبيو ڪندڙ پھرين پاڪستاني اداڪارھ بڻي ھئي.