آمريڪي رياست ۾ جوابدار فائرنگ ڪري 8 ٻارڙن کي ماري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: آمريڪي رياست لوزيانا ۾ وحشي شخص فائرنگ ڪري 8 ٻارڙن کي ماري ڇڏيو.

نيوز ايجنسي موجب پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ بھ مارجي ويو، فائرنگ جو واقعو لوزيانا جي شھر شريوپورٽ ۾ پيش آيو، جنھن بابت پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تھ حملو ڪندڙ ھڪ ئي علائقي جي ٽن مختلف گھرن کي نشانو بڻايو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ٻارڙا مارجي ويا.

رپورٽ موجب مارجي ويل ٻارڙن جون عمرون ھڪ کان 14 سالن جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن، واقعي بعد جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن تھ پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ کيس ماري ڇڏيو.

پوليس شروعاتي جاچ موجب فائرنگ جو سبب گھريلو تڪرار کي قرار ڏيندي چيو تھ  مقتولن ۾ اڪثر جو تعلق حملو ڪندڙ جي پنھنجي خاندان سان ھو. واقعي جي جاچ جاري آھي جڏھن تھ علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں