آمريڪا سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان وسيلي ڳالهيون جاري آهن: ايران

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي وسيلي ڳالهيون جاري آهن.

ايران جي سرڪاري نيوز اداري موجب، افغانستان بابت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ گڏيل قومن ۾ ايراني سفير امير سعيد ايرواني پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا سان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو عمل جاري آهي.

ايراني سفير موجب، آمريڪا ۽ ايران پاڪستان جي وسيلي حتمي مسودي تائين پهچڻ لاءِ پنهنجا خيال ۽ تجويزون هڪ ٻئي تائين پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ اڃا تائين حتمي مسودي تي نه پهتا آهن، پر اهو عمل مسلسل جاري آهي.

ايراني سفير واضح ڪيو ته جنگبندي جي مسودي ۾ لبنان سميت سڀئي علائقا شامل ڪيا ويندا.

ان کان اڳ ايران جي صدرمسعود پزشڪيان چيو هو ته نه اسان محاذ ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڳالهين جو رستو ترڪ ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران جي سلامتي ۽ عوام جو امن اسان جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته سفارتڪاري ۽ دفاع قومي طاقت جا ٻه اهم جز آهن.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جوهري هٿيارن بابت وڏيون رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو هڪ سٺو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن وقت جنگ شروع ڪئي وئي ته کيس اڪيلو ڇڏيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں