واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)
آمريڪي فوج جو هڪ اي ايڇ-64 اپاچي حملا آور هيليڪاپٽر آبنائے هرمز جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته ان ۾ سوار ٻئي پائلٽ محفوظ طور بچائي ورتا ويا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حادثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هيليڪاپٽر ۾ سوار ٻئي پائلٽ خيريت سان آهن ۽ واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي.
صدر ٽرمپ نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حادثي جي سببن بابت جاچ جاري آهي ۽ جلد هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي ويندي. هن وقت اهو واضح ناهي ته هيليڪاپٽر فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو يا ان جي پٺيان ڪو ٻيو سبب هو.
هي واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي جڏهن آبنائے هرمز ۽ نار واري علائقي ۾ آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي حساس مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. آبنائے هرمز دنيا جي اهم سامونڊي گذرگاهن مان هڪ آهي، جتان عالمي تيل جي وڏي مقدار جي آمدرفت ٿئي ٿي، تنهنڪري هتي پيدا ٿيندڙ هر تڪرار عالمي معيشت تي اثر وجهي سگهي ٿو.
ٻئي طرف صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ۽ تڪرار جي خاتمي لاءِ هڪ اهم معاهدي بابت ڳالهيون پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن معاهدو ڪامياب ٿيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر آبنائے هرمز کي ٻيهر مڪمل طور کولڻ ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو.
ٽرمپ چيو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ اڃا ڪجهه اختلاف موجود آهن، پر مجموعي طور تي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري ذريعي اهڙو حل نڪرندو جيڪو نه رڳو آمريڪا ۽ ايران پر سڄي وچ اوڀر جي استحڪام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
تجزيه نگارن موجب اپاچي هيليڪاپٽر جو حادثو ۽ ساڳئي وقت ايران سان هلندڙ ڳالهيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته علائقي ۾ فوجي ۽ سفارتي سرگرميون هڪ ئي وقت جاري آهن. جيڪڏهن مجوزه معاهدو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته آبنائے هرمز ۾ جاري بحران، تيل جي عالمي منڊي تي دٻاءُ ۽ ايران-آمريڪا تڪرار ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي.