يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪايا ڪالاس، روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف تي الزام لڳايو آهي ته هن جي 20 اجلاس دوران يوڪرين بابت ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ بيان ڏنا، جڏهن ته ماسڪو امن جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. ڪايا ڪالاس جو چوڻ آهي ته روس لفظن ۾ امن جي ڳالهه ڪري ٿو، پر سندس عملي قدم ان جي ابتڙ آهن ۽ روس اڃا تائين جنگ روڪڻ لاءِ سنجيده نظر نٿو اچي.
آمريڪي رياست جارجيا جي شهر اٽلانٽا ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي سان ڳالهائيندي ڪايا ڪالاس چيو ته اجلاس ۾ يوڪرين سميت اهم عالمي ۽ جاگرافيائي سياسي بحرانن تي بحث ٿيو، جنهن دوران کين روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان سڌو سنئون ڳالهه ٻولهه ۽ موقف رکڻ جو موقعو مليو.
ڪايا ڪالاس موجب سرگئي لاوروف اجلاس دوران ڪيترائي ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ بيان پيش ڪيا، جن کي يورپي ڌر رد ڪيو.
هن چيو ته روس امن جي راهه تي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي. سندس چوڻ هو ته روسي عملدار ڀلي ڳالهين ۾ امن لاءِ تياري ظاهر ڪن، پر سندن عملي قدم ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿا.
يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي سربراهه دعويٰ ڪئي ته جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا مهينا يوڪرين جي شهرين لاءِ سڀ کان وڌيڪ خونريز رهيا. هن روس تي زور ڏنو ته هو ڳالهين لاءِ تيار هجڻ جو ثبوت پنهنجي عملن ذريعي ڏئي، پر هن وقت تائين اهڙي ڪا تياري نظر نٿي اچي.
ڪايا ڪالاس ماسڪو تي دٻاءُ جاري رکڻ جي به اپيل ڪئي، خاص طور تي بحيرۂ اسود ۾ جنگبندي حاصل ڪرڻ لاءِ.
جي 20 اجلاس ۾ روس جي شرڪت تي يورپ جا تحفظات
اٽلانٽا ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ روسي پرڏيهي وزير جي شرڪت تي يورپي عملدارن اڳ ئي تحفظات ظاهر ڪيا هئا. اجلاس دوران گروپ فوٽو ڪڍرائڻ جو پروگرام به منسوخ ڪيو ويو.
ان فيصلي تي تبصرو ڪندي ڪايا ڪالاس چيو ته يوڪرين تي روسي حملي جي شروعات کان وٺي يورپي عملدارن جو موقف واضح رهيو آهي ته عالمي فورمن تي روس جي موجودگي کي معمول جي ڳالهه نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته يورپ پنهنجي پاليسي تبديل ناهي ڪئي.
ٻئي طرف هڪ آمريڪي عملدار جو چوڻ هو ته گروپ فوٽو منسوخ ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته رسمي تصوير ڪڍرائڻ جو موقعو سفارتي بحث ۽ ڌيان ۾ رنڊڪ نه بڻجي.
ايندڙ مهيني ڳالهين جو نئون دور
ڪايا ڪالاس جا اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن ايندڙ مهيني ماسڪو، ڪيف ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
يوڪرين جنگ بابت پنهنجي موقف ۾ ڪايا ڪالاس چيو ته جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته جارحيت ڪندڙ ڌر تي دٻاءُ وڌو وڃي. سندس چوڻ هو ته روس کي پنهنجي عملن ذريعي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو واقعي امن ڳالهين لاءِ تيار آهي.