لائیو سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن جي بهتري لاءِ عالمي بئنڪ پاران 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ سنڌ ۾ بلدياتي سهولتون بهتر بڻائڻ ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي وڌائڻ لاءِ 15 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پروگرام تحت ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال، سيوريج، اسڪولن، روڊن، فائر اسٽيشنن ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو.

عالمي بئنڪ موجب، پروگرام جو اهم مقصد بلدياتي ادارن جي آمدني وڌائڻ ۽ عوام کي بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ سالياني پراپرٽي ٽيڪس وصولي 85 لک ڊالرن مان وڌائي 8 ڪروڙ 50 لک ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

پروگرام تحت ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي ادائيگي جي شرح 20 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جو منصوبو پڻ شامل آهي، جنهن مان شهر جون 25 بلدياتي ڪائونسلون فائدو حاصل ڪنديون.

عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي 25 بلدياتي ڪائونسلن جي لڳ ڀڳ 35 لک 80 هزار شهرين کي هن پروگرام مان فائدو پهچندو، جڏهن ته سنڌ جي بلدياتي ڪائونسلن جي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني هن وقت صوبائي حڪومت طرفان ملندڙ فنڊن تي ڀاڙي ٿي.

پروگرام تحت پراپرٽي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو 70 سيڪڙو بلدياتي سهولتن تي خرچ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس وصولي لاءِ جديد ڊجيٽل نظام متعارف ڪرايو ويندو.

عالمي بئنڪ موجب، سنڌ جي ٻين شهرن جي 20 بلدياتي ڪائونسلن ۾ پڻ پراپرٽي سروي ڪرايو ويندو، جنهن مان ٻين شهري علائقن جا لڳ ڀڳ 45 لک ماڻهو اڻ سڌي طرح فائدو حاصل ڪندا. انهن شهرن ۾ پراپرٽي ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر مختص ڪيا ويا آهن.

پروگرام ۾ نيڪالِ آب، گندي پاڻي جي نيڪال، اسڪولن ۽ روڊن جي بحالي سان گڏ فائر اسٽيشنن ۽ گهٽين جي روشنين کي بهتر بڻائڻ جا منصوبا پڻ شامل آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں