لائیو سنڌ هاءِ ڪورٽ: ڀارتي ڳجهي ايجنسي ’را‘ جي مبينا ايجنٽ جي عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ’را‘ جي مبينا ايجنٽ محمد سليم جي عمر قيد جي سزا خلاف اپيل جزوي طور منظور ڪندي رياست خلاف سازش ۽ هٿياربند جارحيت جي الزامن هيٺ ٻڌايل عمر قيد جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڏنل سزا به ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد رکڻ جي الزام هيٺ عمر قيد جي سزا گهٽائي 10 سال قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي. عدالت غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا برقرار رکڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

ڀارت جا دورا ’را‘ سان لاڳاپن جو ثبوت ناهن: عدالت

فيصلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته جوابدار جي ڀارت وڃڻ ۽ اتي اچ وڃ جي سفري تاريخ پاڻمرادو اهو ثابت نٿي ڪري ته سندس ڀارتي ڳجهي ايجنسي ’را‘ سان ڪو تعلق آهي يا هو پاڪستان خلاف سازش ۾ ملوث رهيو آهي.

عدالت موجب، پراسيڪيوشن ڪنهن مبينا ساٿي سان سازش، رابطي يا رياست خلاف جنگ جي تياري بابت قابل اعتماد ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته ڌماڪيدار مواد يا هٿيارن جي هٿ اچڻ سان پاڻمرادو دهشتگردي جو ڏوهه ثابت نٿو ٿئي، ان لاءِ دهشت پکيڙڻ جو مخصوص ارادو ۽ مقصد ثابت ڪرڻ ضروري آهي.

سرڪاري وڪيل جا الزام ۽ جوابدار جو موقف

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو هو ته 7 آڪٽوبر 2024ع تي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) منوڙي واري علائقي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ’را‘ جي ايجنٽ هجڻ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي هئي.

سرڪاري وڪيل موجب، ڪارروائي دوران جوابدار محمد سليم وٽان پستول، ڌماڪيدار مواد، اَوان بم، راڪيٽ لانچر ۽ ٻه پاسپورٽ هٿ آيا هئا. سرڪاري ڌر اهو موقف پڻ اختيار ڪيو هو ته جوابدار غير قانوني طريقن سان پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي هئي.

جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته سندس موڪل تي لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن ۽ انهن جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت موجود ناهي.

اڳ ۾ ٽي ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار محمد سليم کي ٽي ڀيرا عمر قيد، جڏهن ته ٻين الزامن هيٺ مجموعي طور 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ اپيل تي فيصلو ڏيندي رياست خلاف سازش ۽ هٿياربند جارحيت جا الزام ثابت نه ٿيڻ تي انهن تحت ڏنل عمر قيد جون سزائون ختم ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد ۽ غير قانوني هٿيارن بابت ڪجهه سزائون برقرار رکيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں