آمريڪا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ زهر جو انجڪشن لڳائي موت جي سزا تي عملدرآمد جي ناڪام ڪوشش کانپوءِ زنده بچي ويل 50 ورهين جي ڪرسٽا پائڪ پهريون ڀيرو خاموشي ٽوڙي ڇڏي. سندس چوڻ آهي ته هوءَ مسلسل جسماني تڪليف ۾ مبتلا آهي ۽ کيس ڳالهائڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪرسٽا پائڪ کي 30 سيپٽمبر تي زهر جو انجڪشن ڏئي موت جي سزا تي عملدرآمد جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اها ڪوشش ناڪام رهي ۽ هوءَ زنده بچي وئي.
واقعي کانپوءِ پهريون بيان ڏيندي ڪرسٽا پائڪ چيو ته کيس پاڻ به خبر ناهي ته هوءَ ڪيئن زنده بچي وئي. سندس چوڻ هو ته سزا تي عملدرآمد جي ناڪام ڪوشش واري رات کان وٺي هڪ لمحو به اهڙو ناهي گذريو، جڏهن کيس درد محسوس نه ٿيو هجي.
هن ٻڌايو ته سندس ٻانهن، هٿن ۽ ڳلي ۾ سخت تڪليف آهي، جڏهن ته هوءَ ذهني ۽ جذباتي اذيت مان پڻ گذري رهي آهي.
ڪرسٽا پائڪ ان واقعي کي اختيارين جي نااهلي قرار ڏيندي چيو ته سندن غلطي سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي انتهائي سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.
جيل واپس منتقل ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي جان بچائڻ ۾ مدد ڪندڙ طبي عملي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هاڻي سندس ڌيان صحتياب ٿيڻ تي آهي.
1995ع ۾ قتل جي الزام هيٺ موت جي سزا
واضح رهي ته ڪرسٽا پائڪ کي 1995ع ۾ 19 ورهين جي ڪولين سليمر جي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
رپورٽ موجب، اختيارين کيس موت جي سزا ڏيڻ لاءِ پينٽوباربيٽل نالي زهر جو انجڪشن ٻه ڀيرا ڏنو، پر ان باوجود هوءَ زنده بچي وئي.
مقتولا ڪولين سليمر جي ماءُ به پنهنجي ڌيءَ جي قاتل کي موت جي سزا ملندي ڏسڻ لاءِ فلوريڊا کان ٽينيسي پهتي هئي.
ٻئي طرف ڪرسٽا پائڪ جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته سزا تي عملدرآمد جي ناڪام ڪوشش دوران سندس ٻانهن سڙي ويون ۽ ڇالڻا پئجي ويا. کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ بيهوش رهي ۽ ساهه کڻڻ لاءِ کيس مصنوعي ساهه کڻڻ واري مشين جي ضرورت پئي.
تحقيقات جو حڪم، جيل کاتي جي سربراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
واقعي کانپوءِ ٽينيسي جي گورنر بل لي موت جي سزا تي عملدرآمد جي ناڪاميءَ جي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته هڪ ٻئي قيدي جي موت جي سزا تي عملدرآمد پڻ ملتوي ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، واقعي جي نتيجي ۾ رياست جي جيل کاتي جي سربراهه پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
هوڏانهن ڪرسٽا پائڪ جي وڪيلن عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته سندس موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو وڃي، جنهن تي قانوني ڪارروائي جاري آهي.