لائیو توانائي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي سعودي عرب کي ٽيڪس فري تيل ذخيرو ڪرڻ جي آڇ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي، پاڪستان سعودي ڪمپنين کي ملڪ اندر تجارتي بنيادن تي تيل جا ذخيرا قائم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ان مقصد لاءِ ٽيڪس نيوٽرل بانڊڊ اسٽوريج پاليسي تحت سهولتون ڏيڻ سان گڏ بلوچستان جي علائقي حب ۾ وڏي پيٽروليم اسٽوريج ۽ ريفائننگ ڪمپليڪس قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ پيش ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي نئين مقرر ٿيل سفير ڊاڪٽر راجح بن طامي البقامي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران معدنيات، پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران پاڪستان طرفان سعودي ڪمپنين کي ٽيڪس نيوٽرل بانڊڊ اسٽوريج پاليسي تحت ملڪ اندر تجارتي بنيادن تي تيل جا ذخيرا قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.

حب ۾ وڏي پيٽروليم ڪمپليڪس جو منصوبو

پاڪستان سعودي عرب آڏو بلوچستان جي علائقي حب ۾ وڏي پيٽروليم اسٽوريج ۽ ريفائننگ ڪمپليڪس قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ پيش ڪيو آهي.

هن منصوبي جو مقصد ملڪ ۾ پيٽروليم جي ذخيري ۽ ريفائننگ جي سهولتن کي هٿي ڏيڻ سان گڏ سعودي ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معدنيات، پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں