لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) برطانيا جي گهرو وزير شبانه محمود ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ قانوني طور برطانيا ايندڙ پرڏيهين لاءِ مستقل رھائش حاصل ڪرڻ بابت قانونن ۾ تجويز ڪيل تبديلين جو حتمي اعلان ڪندي.
حڪمران ليبر پارٽي اندر اختلافن سبب شروعاتي تجويزن ۾ نرمي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
گهرو وزارت جي شروعاتي تجويز موجب برطانيا ۾ مستقل رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ عام مدت 5 سالن مان وڌائي 10 سال ڪرڻ، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ڪجهه پرڏيهي ملازمن لاءِ اها مدت 15 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.
تجويز ۾ اهو به شامل هو ته نوان قانون اڳ ئي برطانيا ۾ رهندڙ انهن پرڏيهين تي به لاڳو ڪيا وڃن، جيڪي موجوده قانون تحت 5 سال مڪمل ٿيڻ بعد مستقل رهائش لاءِ درخواست ڏيڻ جا اهل ٿيڻ وارا هئا. ان تجويز تي ليبر پارٽي اندر اختلاف سامهون آيا آهن.
اڳوڻي نائب وزيراعظم اينجلا رينر سميت ڪجهه ليبر اڳواڻن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پراڻن قانونن تحت برطانيا آيل ماڻهن تي اوچتو نيون شرطون لاڳو ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي مستقبل جا منصوبا موجوده قانونن کي نظر ۾ رکندي ٺاهيا هئا.
مجوزہ تبديلين تي برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ٻين ايشيائي برادرين جي به گهري نظر آهي. هزارين پاڪستاني ڊاڪٽر، انجنيئر، آءِ ٽي ماهر، وڪيل ۽ ڪاروباري ماڻهو برطانيا جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، جن مان ڪيترائي موجوده 5 سالن واري مدي تحت مستقل رهائش حاصل ڪرڻ جا منتظر آهن.
ڪميونٽي اڳواڻن موجب جيڪڏهن نوان قانون اڳ ئي برطانيا ۾ رهندڙ ماڻهن تي لاڳو ڪيا ويا ته ڪيترن ئي خاندانن جا مستقبل جا منصوبا متاثر ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته مستقل رهائش کانپوءِ برطانوي شهريت حاصل ڪرڻ، روزگار جي تحفظ ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جا موقعا آسان ٿيندا آهن.
برطانوي حڪومت اڃا تائين واضح ناهي ڪيو ته نيون شرطون ڪهڙن ماڻهن تي لاڳو ٿينديون ۽ اڳ ئي ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين لاءِ ڪهڙا عبوري انتظام ڪيا ويندا. حتمي پاليسي جي اعلان کانپوءِ ئي پاڪستانين سميت ٻين پرڏيهين تي ان جا اثر واضح ٿي سگهندا.