لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ڇهه سال اڳ شروع ٿيل دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي، اطالوي ڇوڪري شادي ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي.
اطالوي ڪنوار لاهور ايئرپورٽ پهتي ته گهوٽ نبيل اعواڻ جي گهرڀاتين سندس شاندار استقبال ڪيو.
گهرڀاتين موجب ٻنهي خاندانن جي رضامندي ۽ قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ کانپوءِ شاديءَ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ڪلر ڪهار جي هڪ مقامي هوٽل ۾ وليمي جي دعوت پڻ رکي وئي، جنهن ۾ گهوٽ جي مائٽن، دوستن ۽ گهرڀاتين شرڪت ڪئي.
خاندان وارن ٻڌايو ته گهوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم آهن، پر هڪ ٻئي جو ساٿ ملڻ تي تمام گهڻا خوش آهن.
اطالوي ڪنوار پاڪستاني لباس پهريو ۽ مقامي ماڻهن سان پڻ گهرو ميل جول ڪيو.