لائیو اسرائيلي ادارن جو ڊيٽا هيڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ’حنظله گروپ‘ ڇا آهي ۽ ان جو ايران سان ڪهڙو تعلق آهي؟

فہرستِ مضامین

اسرائيلي ادارن، فوجي يونٽن ۽ اهم ڪمپنين کي سائبر حملن جو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪندڙ هيڪنگ گروپ ’حنظله‘ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. گروپ تازو دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسرائيلي فوج جي هڪ طبي آپريشنز يونٽ جي ڊيٽابيس تائين رسائي حاصل ڪري سوين دستاويز هٿ ڪيا آهن، جڏهن ته ان کان اڳ اسرائيلي عدالتي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان لاڳاپيل رڪارڊنگز ۽ اندروني دستاويز حاصل ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي هئي.

ايراني خابرو اداري فارس نيوز موجب، حنظله گروپ 27 آڪٽوبر تي دعويٰ ڪئي ته هن اسرائيلي فوج جي طبي آپريشنز يونٽ جي ڊيٽابيس مان سوين دستاويز حاصل ڪيا آهن. انهن دستاويزن ۾ طبي عملدارن بابت ڄاڻ، اندروني خط و ڪتابت ۽ علاج جي طريقن سان لاڳاپيل مواد شامل هجڻ جو چيو ويو آهي.

ان کان اڳ گروپ اسرائيلي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ’مالام‘ جي تيار ڪيل ’اي ٽائپ‘ پليٽ فارم تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. حنظله موجب، ان ذريعي خفيه آڊيو رڪارڊنگز، عدالتي ڪارروائين جا لکيل رڪارڊ، پوليس جاچ ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت ڳالهين جا دستاويز هٿ ڪيا ويا.

فارس نيوز جي رپورٽ موجب، گروپ دعويٰ ڪئي ته هن لڳ ڀڳ 150 گيگا بائيٽ ڊيٽا گڏ ڪئي، جيڪا انٽرنيٽ تي عوامي ڊائون لوڊ لاءِ پڻ رکي وئي. بهرحال، بي بي سي انهن دعوائن جي آزاداڻي طور تصديق نه ڪري سگهيو آهي.

حنظله گروپ ڇا آهي؟

حنظله، جنهن کي ’حنظله هيڪنگ ٽيم‘ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، پاڻ کي فلسطينين جو حامي سائبر گروپ قرار ڏئي ٿو. ان جو چوڻ آهي ته هو فلسطينين جي حمايت ۾ اسرائيل ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي ادارن کي نشانو بڻائي ٿو.

هن گروپ جو نالو فلسطيني ڪارٽونسٽ ناجي العلي جي مشهور ڪارٽون ڪردار ’حنظله‘ تان ورتل آهي، جيڪو 1969ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. ڪارٽون ۾ حنظله کي هڪ بي گهر ۽ اگهاڙن پيرن واري ٻار طور ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو فلسطيني جلاوطني ۽ جدوجهد جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.

رپورٽ موجب، حنظله هيڪنگ گروپ ڊسمبر 2023ع ۾ غزا خلاف اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ نمايان طور سامهون آيو. ان کانپوءِ هن مختلف اسرائيلي ۽ آمريڪي ادارن خلاف سائبر حملن جون دعوائون ڪيون.

ايران سان حنظله جو ڪهڙو تعلق آهي؟

سائبر سيڪيورٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ڪجهه محققن حنظله گروپ جي سرگرمين کي ايران جي وزارتِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي جي وسيع سائبر مهم سان ڳنڍيو آهي.

اسرائيلي سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ’چيڪ پوائنٽ‘ موجب، حنظله انهن آن لائن گروپن مان هڪ آهي، جن کي ڪمپني ’ٽوئڊ مانٽيڪور‘ نالي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل قرار ڏئي ٿي. ان نيٽ ورڪ لاءِ ’ريڊ سينڊ اسٽورم‘ جو نالو پڻ استعمال ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان نيٽ ورڪ کي البانيا خلاف ’هوم لينڊ جسٽس‘ نالي سائبر حملن سان به ڳنڍيو ويو آهي.

آمريڪي انصاف واري کاتي پڻ حنظله سان لاڳاپيل ڪجهه ويب سائيٽن کي ايران جي انٽيليجنس سرگرمين سان منسوب ڪيو آهي. آمريڪي اختيارين موجب، اهي ويب سائيٽون سائبر حملن، ذاتي معلومات ظاهر ڪرڻ ۽ مخصوص ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جهڙين سرگرمين لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن.

جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ’ريڪارڊڊ فيوچر‘ جي اندازي موجب، ايران جي وزارتِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ’حنظله‘ نالي برانڊ جو استعمال وڌايو آهي، ته جيئن ان جي پرڏيهي سائبر سرگرمين کي به ان نالي سان پيش ڪري سگهجي.

ان باوجود، حنظله جي هر انفرادي سائبر ڪارروائي ۽ ايراني رياستي ادارن وچ ۾ سڌي لاڳاپي جي نوعيت عوامي سطح تي مڪمل طور واضح ناهي.

اسرائيلي سيٽلائيٽ ڪمپني تي حملو: 29 سيپٽمبر 2025ع تي گروپ اسرائيلي سيٽلائيٽ آپريٽر ’اسپيس ڪام‘ تي سائبر حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي. گروپ دعويٰ ڪئي ته ڪمپني جي زميني ڪنٽرول اسٽيشنن جي نظام ۾ داخل ٿي 379 گيگا بائيٽ ڊيٽا چوري ڪئي وئي. ان ڊيٽا جي هڪ نموني ۾ ’عاموس-7‘ سيٽلائيٽ سان لاڳاپيل رڪارڊ ۽ دستاويز شامل هجڻ جو چيو ويو. سائبر نيوز جي جائزي موجب، منظرعام تي آيل دستاويز حساس نظر نه پئي آيا، پر انهن کي ڪمپني جي ملازمن خلاف سوشل انجنيئرنگ حملن ۾ استعمال ڪري سگهجي پيو.

ايران انٽرنيشنل جا فون هيڪ ڪرڻ جي دعويٰ: 9 جولاءِ 2025ع تي حنظله گروپ لنڊن مان فارسي ٻوليءَ ۾ نشريات ڪندڙ اداري ’ايران انٽرنيشنل‘ تي سائبر حملي ۽ ان جي عملي جي ڪيترن ئي ميمبرن جا موبائل فون هيڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. گروپ ذاتي دستاويز، تصويرون ۽ اداري جي ايڊيٽوريل بورڊ جي اجلاس جا اسڪرين شاٽ به جاري ڪيا. ايران انٽرنيشنل الزام لڳايو ته ان ڪارروائي جو مقصد صحافين کي ڊيڄارڻ ۽ سندن ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ هو.

موساد جي مبينا ايجنٽن جي معلومات جاري: 10 جنوري 2026ع تي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل خابرو اداري تسنيم دعويٰ ڪئي ته حنظله گروپ 600 اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ بابت معلومات جاري ڪئي آهي، جن کي گروپ مبينا طور موساد جا ايجنٽ قرار ڏنو هو. جاري ڪيل فهرست ۾ ايران، برطانيا، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ اسرائيل سان لاڳاپيل ماڻهن جا نالا ۽ فون نمبر شامل هئا. بي بي سي انهن ماڻهن جي سڃاڻپ يا انهن جي جاسوسي سرگرمين سان لاڳاپيل هجڻ جي دعوائن جي تصديق نه ڪري سگهيو.

عبراني ٻوليءَ جي اڪيڊمي جي ويب سائيٽ هيڪ: 11 مارچ 2026ع تي اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪيو ته عبراني ٻوليءَ جي اڪيڊمي جي ويب سائيٽ هيڪ ڪئي وئي. اسرائيلي چينل 12 موجب، حنظله گروپ ويب سائيٽ تي هڪ پيغام به جاري ڪيو، جنهن ۾ عبراني ٻولي سکڻ جي ضرورت ختم ٿيڻ بابت طنزيه جملو لکيل هو.

آمريڪي ڪمپني ’اسٽرائيڪر‘ تي حملو: مارچ 2026ع ۾ حنظله آمريڪي طبي اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ’اسٽرائيڪر‘ خلاف تباهي آڻيندڙ سائبر حملي جي ذميواري قبول ڪئي. رائٽرز موجب، حملي سبب ڪمپني جا ڪمپيوٽر سسٽم متاثر ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ آرڊر مڪمل ڪرڻ، پيداوار ۽ سامان جي ترسيل جا ڪم متاثر ٿيا.

گروپ دعويٰ ڪئي ته اهو حملو ڏکڻ ايران جي شهر ميناب ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي ۽ سندس چوڻ موجب ’مزاحمت جي محور‘ خلاف جاري سائبر حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو. مزاحمت جي محور مان مراد ايران نواز علائقائي گروهن جو نيٽ ورڪ آهي.

ان واقعي کانپوءِ آمريڪي انصاف واري کاتي اعلان ڪيو ته چار ويب سائيٽون بند ڪيون ويون آهن، جيڪي سندس دعويٰ موجب ايران جي وزارتِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي جي سائبر سرگرمين ۽ نفسياتي مهمن لاءِ استعمال ٿينديون هيون.

حنظله گروپ سائبر حملا ڪيئن ڪندو آهي؟

حنظله گروپ جي ڪاررواين ۾ اڪثر ’هيڪ اينڊ ليڪ‘ حڪمت عملي استعمال ڪئي ويندي آهي. ان طريقيڪار تحت ڪنهن اداري يا ويب سائيٽ جي ڪمپيوٽر نظام ۾ داخل ٿي معلومات حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ اها معلومات عام ماڻهن لاءِ انٽرنيٽ تي جاري ڪئي ويندي آهي.

گروپ جي سرگرمين ۾ ويب سائيٽن کي خراب ڪرڻ، چوري ڪيل ڊيٽا شايع ڪرڻ ۽ مختلف ادارن يا شخصيتن کي ڌمڪيون ڏيڻ پڻ شامل آهي.

ماهرن موجب، اهڙين ڪاررواين جا مقصد صرف معلومات حاصل ڪرڻ تائين محدود ناهن هوندا، پر انهن ذريعي ادارن جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ، انهن کي عوامي سطح تي شرمسار ڪرڻ، حساس ڄاڻ ظاهر ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ماڻهن تي نفسياتي دٻاءُ وجهڻ به مقصد ٿي سگهي ٿو.

حنظله پنهنجي جاري ڪيل پيغامن ۾ اڪثر حملن کي اسرائيلي فوجي ڪاررواين جو جواب يا اسرائيلي سائبر سيڪيورٽي نظام جي ڪمزورين جو ثبوت قرار ڏئي ٿو. اهڙي طرح ڊيٽا جاري ڪرڻ سان گڏ سياسي پيغام به عام ڪيو ويندو آهي.

انهن سائبر حملن جي اهميت ڇا آهي؟

حنظله گروپ جي سرگرمين ۾ اسرائيلي سرڪاري ۽ سيڪيورٽي ادارن کان وٺي اسرائيل ۽ آمريڪا جي واپاري ڪمپنين تائين مختلف هدف شامل رهيا آهن.

چيڪ پوائنٽ موجب، گروپ جي ڪاررواين ۾ ڊيٽا چوري ڪري عام ڪرڻ سان گڏ اهڙا سائبر حملا به شامل آهن، جن جو مقصد ڪمپيوٽر نظامن کي متاثر ڪري ادارن جي روزاني ڪم کي روڪڻ يا ان ۾ رنڊڪ وجهڻ هوندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته چوري ڪيل ذاتي معلومات کي عوامي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ سان انهن ۾ خوف پيدا ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ادارن جي ساک ۽ ڪم ڪار تي به اثر پئجي سگهي ٿو.

آمريڪي انصاف واري کاتي جو موقف آهي ته ايران جي وزارتِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ويب سائيٽون حساس ذاتي معلومات جاري ڪرڻ، سائبر حملن جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ مخصوص شخصيتن کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ استعمال ٿينديون رهيون آهن.

ڇا حنظله جي تازي هيڪنگ جون دعوائون ثابت ٿيون آهن؟

حنظله گروپ پاران اسرائيلي فوج جي طبي آپريشنز يونٽ ۽ ’اي ٽائپ‘ پليٽ فارم تائين رسائي حاصل ڪرڻ جون تازيون دعوائون اڃا آزاداڻي طور تصديق ٿيل ناهن.

ساڳيءَ طرح، مبينا طور چوري ڪيل ڊيٽا جي اصل مقدار، ان جي حساسيت ۽ انهن سائبر حملن جي مڪمل اثرن بابت به آزاد ذريعن کان تصديق موجود ناهي.

مجموعي طور حنظله گروپ پاڻ کي فلسطينين جي حمايت ڪندڙ هيڪنگ ٽيم طور پيش ڪري ٿو، جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي جا ڪجهه ادارا ۽ آمريڪي اختيارين ان کي ايران جي انٽيليجنس سرگرمين سان ڳنڍين ٿا. پر هر حملي جي ذميواري، ان جي نوعيت ۽ ايراني رياستي ادارن سان سڌي لاڳاپي بابت دعوائن کي الڳ الڳ پرکڻ ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں