لائیو آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ خانگي جهاز ڪري تباهه، 9 ڄڻا فوت

فہرستِ مضامین

فلوريڊا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ ڪاروباري خانگي جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.

بي بي سي موجب حادثو ڪرسٽ هيون ڀرسان پيش آيو، جيڪو اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي رهائشگاهه ۽ ريسورٽ مار-اي-لاگو کان لڳ ڀڳ 14 ڪلوميٽر پري آهي. حادثو مقامي وقت موجب منجهند 12 لڳي 50 منٽن تي پيش آيو.

حادثي واري هنڌ جي تصويرن ۾ مصروف روڊ جي وچ ۾ وڏو کڏو، جهاز جو ملبي ۽ باهه جا منظر ڏسي سگهجن ٿا. اختيارين موجب زمين تي موجود ڪنهن به شخص جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا.

آمريڪي فيڊرل ايويئيشن ايڊمنسٽريشن (ايف اي اي) موجب جهاز ٽيڪساس جي شهر آسٽن مان اڏام ڀري بهاماس وڃي رهيو هو. شروعاتي فضائي تجزيي مان ظاهر ٿيو آهي ته حادثي کان اڳ جهاز انتهائي تيزيءَ سان هيٺ اچي رهيو هو.

فضائي ٽرئفڪ ڪنٽرول ۽ جهاز جي ڪاڪ پٽ وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ موجب عملي خراب موسم، وچولي شدت واري هوائي بيچيني ۽ جهاز تي برف ڄمڻ بابت آگاهه ڪيو هو. عملي وڌيڪ بلندي حاصل ڪرڻ جي ضرورت جو به ذڪر ڪيو.

رڪارڊنگ موجب ڪجهه دير بعد عملي ٻڌايو ته جهاز في منٽ 10 هزار فوٽ جي رفتار سان هيٺ اچي رهيو آهي. بعد ۾ هنگامي صورتحال جو اعلان ڪندي چيو ويو ته جهاز في منٽ 20 هزار فوٽ جي رفتار سان هيٺ ڪري رهيو آهي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته جهاز زمين سان ٽڪرائجي ويندو.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ غير تصديق ٿيل وڊيو ۾ جهاز کي لڳ ڀڳ سڌي رخ ۾ زمين ڏانهن ڪرندي ۽ ٽڪرائجڻ بعد باهه جو وڏو گولو بڻجندي ڏسي سگهجي ٿو.

فلوريڊا جي گورنر رون ڊي سينٽس حادثي کي انتهائي خوفناڪ منظر قرار ڏيندي چيو ته جهاز ميزائل وانگر هيٺ ايندي نظر آيو، جنهن کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ملبي جا ٽڪرا هر طرف پکڙجي ويا.

اختيارين موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اڃا ظاهر ناهي ڪئي وئي. آمريڪي ٽرانسپورٽ واري وزير شان ڊفي حادثي کي انتهائي افسوسناڪ سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته جاچ ۾ مدد لاءِ ٽيم حادثي واري هنڌ موڪلي پئي وڃي. نيشنل ٽرانسپورٽيشن سيفٽي بورڊ واقعي جي جاچ ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں