لائیو ايران جي خرم آباد ايئرپورٽ تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي تصديق

فہرستِ مضامین

ايران جو چوڻ آھي تہ خرم آباد ايئرپورٽ کي آمريڪي ۽ اسرائيلي ھوائي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو، پر ڪو بہ جاني نقصان ناھي ٿيو.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب اولھ ايران جي شھر خُرم آباد ۾ واقع ايئرپورٽ کي اڄ ھوائي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو، پر خوشقسمتي سان حملي ۾ ڪو بہ جاني نقصان ناھي ٿيو.

سرڪاري خابرو اداري صوبي لورستان جي ھڪ عھديد جي حوالي سان ٻڌايو تہ خرم آباد ۾ شھيد اشرفي اصفھاني ايئرپورٽ کي ھدف بڻايو ويو.

سرڪاري خابرو اداري موجب ھن حملي جي نتيجي ۾ ڪنھن بہ قسم جو جاني نقصان ناھي ٿيو.

ياد رھي تہ آمريڪي صدر پاران ايراني شھري انفرا اسٽرڪچر تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي بعد اسرائيل ايرانين کي ٽرين ۾ سفر ڪرڻ کان خبردار ڪيو آھي.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج جو چوڻ آھي تہ ھنن ايران ۾ ھڪ ٻئي پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو آھي.

ان کان اڳ، ايراني سرڪاري ميڊيا بہ رپورٽ ڪيو هو تہ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب سيليسيلا ۽ ڊيلفان ڪائونٽين جي ڏيھي علائقن ۾ مواصلاتي نظام کي نقصان پهتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز متاثر ٿيون آهن۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں