پاڪستان اي آءِ ۾ عالمي سطح تي قدم رکڻ لاءِ تيار آھي: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ آھي تہ پاڪستان ھٿرادو ذھانت جي شعبي ۾ عالمي سطح تي قدم رکڻ لاءِ تيار آھي.

اسلام آباد ۾ انڊس آرٽيفيشل ٽيڪنالوجي ويڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ انڊس اي آءِ ويڪ تقريب ملڪ جي ٽيڪنالوجيڪل منظر نامي کي تبديل ڪري ڇڏيندو.

شهباز شريف چيو آهي تہ ايونٽ عالمي سطح تي پاڪستان کي هڪ مضبوط پارٽنر طور پيش ڪندو، ۽ پاڪستان گڏيل رستي تي عزم ۽ جوش سان قدم وڌائي رھيو آهي۔

ھن چيو تہ لاهور ۾ پهريون سيف سٽي منصوبو ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي ۽ لينڊ رڪارڊ ۾ سڌارن ذريعي ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿيندو۔

ھن چيو تہ زمين جي رڪارڊ جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، اي-اسٽامپ پيپر جاري ڪري آمدني ۾ اضافو ڪيو ويو، جڏھن تہ پاڪستان جي 24 ڪروڙ آباديءَ ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن۔

وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ پنجاب جي وڏي وزير طور آءِ ٽي شعبي تي ڌيان ڏنو، نوجوانن کي جديد علم ۽ مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، AI جا فائدا ۽ چيلينجز ٻئي موجود آهن۔

شهباز شريف اهو بہ چيو تہ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پورٽس تي جديد اسڪينرز لڳايا ويا آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں