ڪراچي: گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 30 ٿي ويو آهي
ريسڪيو عملي پاران گل پلازہ جو ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، جتان وڌيڪ ٻن لاشن جا ڪجهہ حصا مليا آهن، جن کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي تہ سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو تعداد 30 ٿي ويو آهي، جڏھن تہ ٻين لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري آهي۔
ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو چيو آهي تہ لاپتا آخري شخص جي ڳولاتائين عمارت کي نٿا ڊاھي سگھون، آپريشن مڪمل ٿيڻ بعدعمارت کي پٽ ڪيو ويندو.
جاويد کوسو جو چوڻ هو تہ ڀرسان موجود رمپا پلازہ کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏنھ تہ ايس بي سي اي کان رمپا پلازہ جا نقشا ۽ ٻيون شيون پڻ گهرايون ويون آهن۔