قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا سانحي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا سانحي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون ٿي ويون.

قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا سانحي تي بحث دوران ايم ڪيو ايم طرفان نون انتظامي يونٽس ۽ مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

فاروق ستار چيو تہ باهہ هاڻ ڪراچي جي هر شهري جي دل ۾ لڳل آهي، نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ ملڪ ورھائڻ ناهي، ان کي سياست جي ور نہ چاڙھيو وڃي.

ان تي پ پ جي شهلا رضا چيو تہ سياست کي وچ ۾ نہ پئي آڻيان پر سڀني کي خبر آهي ته 2002 ۽ 2003 ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي ۽ ڪنهن جي دور ۾ دڪانن کي وڌائڻ جي اجازت ملي، ضروري ناهي تہ حادثي وقت وڏو وزير ۽ وزير پهچن، ريسڪيو ادارن جو پهچڻ ضروري هوندو آهي.

پ  پ ايم اين اي عبدالقادر پٽيل ايم ڪيو ايم چيو تہ توھان ڪراچي جا دعويدار نہ بڻجو، غلطي توھان جي آهي، عمارت توھان ٺاهي.

فاروق ستار طرفان سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ نون صوبن جي مطالبي تي عبدالقادر پٽيل چيو تہ توھان پاڻ اعتراف ڪيو تہ اسان مهاجر قوم کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

هن چيو تہ سانحن ۽ حادثن جو ذڪر توھان ڪيو پر دَر تي زنجير لڳائي 360 ماڻهو ماريا ويا، ڪنهن کي مدد نہ ڪرڻ ڏني وئي، بلديہ سانحي جو ذڪر ڇو نٿا ڪيو؟

سندس چوڻ هو تہ هاڻ ڪراچي توھان جي هٿ ۾ ناهي، توھان ڪراچي جا دعويدار نہ بڻجو، هاڻ ڪراچي اسان جي هٿ ۾ آهي، اسان وٽ جادوئي لٺ ناهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں