خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، بئنڪن مان ڦر لٽ ڪندڙ 12 دھشتگرد مارجي ويا : آءِ ايس پي ار

فہرستِ مضامین

بلوچستان جي ضلعي خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ بئنڪن مان ڦرلٽ ڪندڙ 12 دھشتگرد مارجي ويا آھن.

آءِ ايس پي آر موجب خاران ۾ ڀارت جي حمايت يافتہ 15 کان 20 دهشتگردن دهشتگرد ڪارروايون ڪيون، ڪارروائي دوران دھشتگردن بينڪن مان 34 لک رپيا ڦر ڪيا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بروقت جواب ڏنو ۽ دھشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ ڪليئرنس آپريشن دوران ٽن مختلف چڪرين ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا۔

آءِ ايس پي آر موجب پوليس اسٽيشن ۾ يرغمالي صورتحال پيدا ڪرڻ جي دھشتگردن جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو، علائقي ۾ وڌيڪ دھشتگردن جي موجودگي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آھي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف مهم جاري رھندي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں