افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا ثبوت موجود آهن: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا ٺوس ثبوت موجود آهن۔

قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو تہ دهشتگردي جو ناسور ٻيهر ڪر کڻي رھيو آهي، 2018 وانگر دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، دهشتگردن کي پاڪستان جي سرحدن مان ڪڍي عربي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو۔

هن چيو تہ افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي ڳٺ جوڙ جا پڪا ثبوت آهن ۽ دشمن طرفان انهن کي هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن۔

شهباز شريف جو چوڻ هو ته سڀني مڪتبِ فڪر جي علما جو هتي گڏ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، قومي يڪجهتي جي اڄ جيتري ضرورت اڳ شايد ڪڏهن به نه هئي، گڏ ويهي معاملن کي طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں