قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آھي: فيلڊ مارشل

فہرستِ مضامین

چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير چيو آھي تہ قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آھي، پاڪ فوج ھر قسم جي چئلينج کي منھن ڏيڻ لاءِ پرعزم آھي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير طرفان لاھور گيريزن جو دورو ڪيو ويو، جنھن دوران کيس آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب چيف آف ڊفينس فورسز تربيتي مشقن جو بہ جائزو ورتو، فيلڊ مارشل طرفان جوانن کي ملندڙ راندين ۽ تفريحي سھولتن جي واکاڻ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سي ايم ايڇ لاھور ۾ ھاءِ ڪيئر سينٽر جو دورو بہ ڪيو ويو، جتي ھن طبي عملي ۽ انتظاميہ جي خدمتن جي واکاڻ.

لاھور گيريزن ۾ آفيسرن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو تہ قومي سلامتي کي خطرن بابت زيرو ٽالرنس پاليسي آھي، پاڪ فوج ھر قسم جي چئلينج کي منھن ڏيڻ لاءِ پرعزم آھي.

ھن چيو تہ خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو تحفظ پاڪ فوج جي پھرين ترجيح آھي، جوانن جي جسماني فٽنس ۽ جسماني مورال اسان جي ترجيح آھي.

آءِ ايس پي آر موجب  فيلڊ مارشل جي لاھور آمد تي ڪور ڪمانڊر لاھور آجيان ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں