ڪراچي: ڪورنگي نمبر 6 ۾ چراغ ھوٽل ويجھو مبينا پوليس مقابلي دوران اڻڄاتل ھنڌان آيل گولي لڳڻ سبب ھلندڙ رڪشا ۾ ويٺل نوجوان ناري مارجي وئي.
ريسڪيو ٽيمن موجب مارجي ويل ناري جو مڙھ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنھن جي سڃاڻپ 17 ورھين جي ڪومل جي نالي سان ٿي، مارجي ويل فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي ھئي.
گھرڀاتين موجب فائرنگ جو واقعو ڪورنگي نمبر 6 جي مارڪيٽ ويجھو مبينا پوليس مقابلي دوران پيش آيو، مقتولا پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ ناني جي گھران واپس اچي رھي ھئي.
گھرڀاتين ٻڌايو تہ مبينا مقابلي دوران فائرنگ سان رڪشا ڊرائيور بہ ٻانھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو پر زخمي ٿيل رڪشا ڊرائيور ڪيڏانھن ويو ان بابت ڄاڻ ناھي، مقتولا جي والد موجب ڪومل 2 ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ ھئي.
ڪورنگي نمبر6 ۾ مارڪيٽ ۾ٿيل مبينا مقابلي جي ويڊيو ز بہ سامھون اچي وئي آھي.
پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ مبينا پوليس مقابلي ۾ مولا بخش نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن جو ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.
ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري ٻڌايو تہ عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ 2 ڦورو بينڪ مان رقم ڪڍرائي ويندڙ شھري کان 3 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا تہ 6 نمبر مارڪيٽ سندن جو پوليس سان مقابلو ٿيو، جڏھن تہ ٻيو ڦورو رقم سوڌو موقعي تان فرار ٿي ويو.
پوليس آفيسر ٻڌايو تہ ھلندڙ رڪشا ۾ ويٺل ناري کي گولي لڳي، مقبولا کي ڪنھن جي گولي لڳي ان جو تعين ناھي ٿي سگھيو، ايس ڊي پي او لانڍي فائزا سوڍڙ واقعي جي جاچ ڪري رھي آھي جنھن ۾ ايس ايڇ او لانڍي ۽ اي ايس او عوامي بہ شامل آھي.
ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري جو چوڻ آھي تہ واقعي ۾ پوليس جي غفلت ۽ لاپرواھي ثابت ٿي تہ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي…..