آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي تہ جيڪڏھن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو تہ آمريڪا انهن جي بچاءُ لاءِ اڳتي ايندو.
جاري پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لکيو تہ جيڪڏھن ايران پُرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو يا انهن کي قتل ڪيو تہ آمريڪا انهن جي بچاءُ لاءِ اڳتي ايندو۔
آمريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو تہ اسان وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون۔
آمريڪي صدر جي ڌمڪي تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنہ اي جي صلاحڪار علي لارِيجاني چيو تہ ايران جي احتجاجي معاملي ۾ آمريڪي مداخلت خطي ۾ افراتفري ڦهلائڻ جي برابر آهي۔
علي لارِيجاني چيو تہ ٽرمپ کي اها ڳالهہ ڄاڻڻ گهرجي تہ آمريڪي مداخلت افراتفري ڦهلائڻ جي برابر آهي.
ياد رھي تہ ايران ۾ گذريل ڪجہ ڏينهن کان مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قيمت گهٽجڻ خلاف مظاهرا جاري آهن ۽ گذريل ڏينهن ايران جي سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 6 مظاهرين مارجي ويا ھئا، جڏھن تہ 30 مظاهرين کي گرفتار بہ ڪيو ويو هو۔….