ڪراچي: نئين سال 2026ع جي پھرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آھي
ڪاروباري ڏينھن جي شروعات ۾ ئي پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ھاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ انڊيڪس 1954 پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 76 ھزار جي حد پار ڪئي.
هن وقت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1954 پوائنٽس واڌ سان ھڪ لک 76 ھزار 08 تي ٽريڊ ڪري رھيو آھي
گذريل ڏينهن پڻ پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هڪ لک 75 هزار جي حد پار ڪئي ھئي….