ڪارونجھر گھمي ڏٺو آھي، ڏاڍو خوبصورت ماڳ آھي، ان جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس: چيف جسٽس

فہرستِ مضامین

ننگرپارڪر: چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آھي تہ ھن ڪارونجھر گمھي ڏٺو آھي، ڏاڍو خوبصورت ماڳ آھي، ان جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ٿرپارڪر ضلعي جو دورو ڪيو، جتي هن انصاف جي فراهمي ۽ عدالتي نظام جي معاملن جو جائزو ورتو.

پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس اها فيلڊ وزٽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪئي، ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به ساڻس گڏ هو.

چيف جسٽس ننگرپارڪر جي سول ڪورٽ ڪامپليڪس ۾ عدالتن جي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ عدالتي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ عوامي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏنو.

چيف جسٽس عورتن جي سهولتن جي مرڪز، صاف پاڻي جي فراهمي، سولرائيزيشن ۽ اي لائبريري جهڙين سهولتن کي ساراهيو.

ان کانسواءِ چيف جسٽس سان مختلف بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن بہ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ بينچ ۽ بار وچ ۾ تعميري سهڪار تي زور ڏنو ويو.

ان موقعي تي وڪيل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيف جسٽس پاڪستان سنڌ جي تاريخي چيو تہ ڪارونجھر گهمي ڏٺو آهي، واقعي خوبصورت تفريحي ماڳ آهي، ھو ان جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس.

چيف جسٽس ڪاسٻو مندر ۽ چوريو جبل درگا ماتا مندر جو به دورو ڪيو، جتي مذهبي آزادي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

چيف جسٽس مٺي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪامپليڪس ۾ عدالتي معاملن جو جائزو وٺندي ڪيس مينيجمينٽ، انفرا اسٽرڪچر ۽ عورت دوست سهولتن جو معائنو ڪيو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں