مشهور آمريڪي رسالي واشنگٽن ٽائمز جي هڪ آرٽيڪل ۾ پاڪستان جي اهميت جو اعتراف ڪندي سال 2025 ع کي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديليءَ جو سال قرار ڏنو ويو آهي۔
آمريڪي اخبار واشنگٽن ٽائمز چيو آھي تہ 2025 ۾ واشنگٽن جو “انڊيا فرسٽ” دور جو ختم ٿيو ۽ پاڪستان کي ترجيح ڏني وئي، آمريڪي پاليسي ۾ هن تبديليءَ جو سبب مئي ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڀارت جنگ ھو، پاڪستان جي فوجي ڪارڪردگي ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو۔
مضمون ۾ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي لاڳاپن جو خاص تجزيو پڻ شامل ڪيو ويو آهي۔
اخبار موجب پاڪستان ناپسنديد رياست مان ڀائيوار ملڪ بڻجي ويو، ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ پاڪستان کي اھم قرار ڏنو ويو آهي، شروعات ۾ ڀارت کي ڪواڊ ۽ ٻين فورمن ذريعي بالادست بڻائڻ جو خيال هو ۽ اسلام آباد کي سائڊ لائن ڪرڻ جي اميد ڪئي پي وئي، پر ڀارت جي سياسي حالتن، ذاتي آزاديءَ تي پابندين، فوجي ڪارڪردگي ۽ سفارتي سختيءَ ڀارت کي شڪي بڻائي ڇڏيو۔
آمريڪي اخبار لکيو آهي تہ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ پهرين بهتري دهشتگردي خلاف رابطن ۽ معلومات جي ڏي وٺ سان آئي، جنهن سان واشنگٽن کي بامقصد ۽ حقيقي سھڪار جو واضع اشارو مليو، مارچ ۾ ٽرمپ قومي خطاب دوران پاڪستان جي ساراهہ ڪئي، جنهن واشنگٽن ۾ پاليسي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هن موقعي کي فوري استعمال ڪيو، هر محدود سھڪار ڪريڊٽ ۾ تبديل ٿيندو ويو ۽ فيصلائتو موڙ پاڪ-ڀارت مئي واري جنگ کانپوءِ آيو۔
رسالي موجب پاڪستاني حڪمت عملي ۽ غيرروايتي فوجي صلاحيتون آمريڪي اميدن کان گهڻو وڌيڪ ثابت ٿيون، انهي وقت کان پاڪستان کي ٻيهر هڪ سنجيدہ علائقائي ڪردار طور ڏسڻ شروع ڪيو ويو، مئي واري جنگ کانپوءِ ٽرمپ لاءِ حڪمت عملي جو نقشو نئين سر ٺهيو ۽ پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا جي ويزن کي سهارو ڏيندڙ هڪ اُڀرندڙ اهم اثاثو قرار ڏنو ويو.
واشنگٽن پوسٽ جي آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي تہ پاڪستان جي فوجي جديدڪاري کي نئين عالمي اهميت ملي آهي، ڪمانڊ ڍانچي ۾ وڏي تبديلي آندي وئي ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو فعال ڪيو ويو، هن عهدي لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو نالو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار جي ساراهہ ڪئي وئي، جنگبندي تي ڀارت جي ٿڌي ردعمل ٽرمپ کي مايوس ڪيو، جڏھن تہ پاڪستان آمريڪي ٽياڪڙي کي قدر ۽ ٿورا مڃيندي قبول ڪيو۔
آمريڪي اخبار لکيو تہ فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرمپ جي ويجهي صلاحڪارن واري دائري ۾ هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو، عاصم منير کي “ڊسيپلنڊ ڊارڪ هارس” ۽ “سوچي سمجهي رازداري رکندڙ” جهڙا لقب ڏنا ويا، وائيٽ هائوس ۾ لنچ ميٽنگ کي ڪنهن بہ پاڪستاني فوجي سربراهہ لاءِ پهريون مثال قرار ڏنو ويو۔
رسالي موجب فيلڊ مارشل جي سينٽ ڪام هيڊڪوارٽرز ۾ ريڊ ڪارپٽ تي شاندار آجيان ڪئي وئي، آمريڪي فوجي قيادت سان اعليٰ سطح جي حڪمتِ عملي واريون ڳالهيون ٿيون، 2026 جي شروعات ۾ پاڪستان کي ٽرمپ جي گرينڊ اسٽرٽيجِي جي مرڪز جي ويجهو ڏٺو پيو وڃي، نئين آمريڪي پاليسي جي مضبوطي دهلي ۽ اسلام آباد جي رويي سان جڙيل هوندي، 2025 ۾ آمريڪي پاليسي ۽ ڏکڻ ايشيا جي طاقت جي توازن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ۾ پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو۔..