گھوٽڪي: مسافرن جي اغوا ۾ ملوث ڌاڙيلن خلاف سنڌ ۽ پنجاب پوليس جو آپريشن، 3 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

گھوٽڪي ۾ مسافرن جي اغوا ۾ ملوث سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا آھن

ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس مان مسافر کي اغوا ڪندڙڻ ڌاڙيلن خلاف سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو

ڊي پي او راجنپور موجب ڪچا ڪراچي جي علائقي ۾ گڏيل آپريشن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا آھن، جڏھن تہ ڌاڙيلن جي ڪيترن ئي ٿاڪن کي مسمار ڪيو ويو آھي.

پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ قابل سکاڻي ۽ شيرو جي نالي سان ٿي آھي.

2 ڏينھن اڳ رات جي وقت تقريبن 30 کان 40 ڌاڙيلن گھوٽڪي ۾ گڊو ڪشمور انٽر چينج ويجھو مسافر بس کي روڪي ڪيترن ئي مسافرن کي اغوا ڪيو ھو

پوليس آپريشن دوران ڪيترن ئي مغوين کي بازياب ڪرايو ھو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں