ھري پور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ حق جي جنگ ۾ مودي سرڪار کي اھڙو سبق سيکاريو جيڪو ھو ڪڏھن بہ نہ وساريندو، قوم جي دعائن سان جنگ ۾ الله پاڪ پاڪستان کي فتح ڏياري، ڀارت اها شڪست ڪڏهن نہ وساري سگهندو.
هري پور ۾ پرائم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو تہ اڄ تائين 100 سيڪڙو ميرٽ تي 6 لک ليپ ٽاپ ورھايا ويا آهن، خيبر پختونخواه دلير ۽ غيور عوام جو صوبو آهي ۽ اتان جي عوام، پوليس ۽ فوج ڪاميابي سان دھشتگردن کي منھن ڏئي رھي آھي.
وزيراعظم چيو تہ توھان جي قربانين سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، توھان جي عظيم قربانين کي قيامت تائين تاريخ جي سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، اڄ توھان قوم جا عظيم معمار بڻجڻ وارا آھيو.
هن چيو تہ چئني صوبن جي ترقي سان ئي پاڪستان ترقي ڪندو، ٻارن کي تعليم ڏيڻ اسان جو پهريون فرض آهي، جديد اي آءِ تعليم لاءِ سموري ملڪ جي شاگردن کي ٻاھر موڪليو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ ملڪ جي ڏکيائين مان ٻاهر نڪتي آهي، ترقي جو سفر جادو سان نہ پر اتحاد سان ممڪن آهي.
پنھنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف هري پور ۾ دانش اسڪول جي تعمير جو بہ اعلان ڪيو…..