سڊني حملي ۾ ملوث دھشتگرد کي ڀارتي سفارتخاني پاسپورٽ جاري ڪئي، تفصيل سامھون اچي ويا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سڊني حملي ۾ ملوث ڀارتي دهشتگرد ساجد اڪرم ۽ سندس پٽ جا پاسپورٽس سامهون اچي ويا آهن، سڊني حملي ۾ ملوث ڀارتي ڄائي دهشتگرد ساجد اڪرم ۽ انهي جي پٽ جا ڀارتي پاسپورٽس منظر عام تي اچي ويا آهن، جنهن سان حملي آورن جي ڀارتي شهريت جي تصديق ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب ڀارتي دهشتگرد ساجد اڪرم جو پاسپورٽ ڀارتي ايمبيسي 24 فيبروري 2022 تي 10 سالن جي مدي لاءِ جاري ڪيو جنهن  مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي سفارتي اختيارين کي پهرين ڏينهن کان ئي حملي آور جي ڀارتي شهريت جي خبر هئي، انهي جي باوجود ڀارتي اختيارين ڄاڻي واڻي حقيقت کي لڪايو ۽ پنهنجي ميڊيا کي پاڪستان تي الزام تراشي جي لاءِ وقت ڏنو.

سڊني حملي جي فورن بعد ڀارتي ميڊيا طرفان گمراهہ ڪندڙ پروپيگنڊا شروع ڪيو ويو حملي آور کي پاڪستاني ظاهر ڪرڻ جي منظم ڪوشش ڪئي وئي،  مبصرين موجب اها ڪُڌي مهم پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هلائي وئي.

پرڏيهي اخبار دي گارڊين موجب آسٽريليا 2020 ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ٻن اهلڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو اها ڪارروائي هڪ اهڙي نيٽ ورڪ جي خلاف ڪئي وئي جنهن کي آسٽريلوي ڳجهن ادارن جاسوسن جو ڳٺ جوڙ قرار ڏنو هو، رپورٽ موجب ملڪ بدر ڪيل ڀارتي ايجنٽ آسٽريليا ۾ ترسيل ڀارتي ماڻهن جي پروفائلنگ ۾ به ملوث هئا. ماهرين موجب سڊني حملي ۾ ملوث ٻنهي دهشتگردن جي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان رابطا هجڻ جون شاهديون به سامهون اچي رهيون آهن جن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں