ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون ۾ بزرگ شھري حفاظتي ديوار نہ ھجڻ سبب نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو.
ريسڪيو ذريعن موجب بزرگ شھري ڪورنگي ڪبڊي گرائونڊ ويجھو نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، شھري اونداھي ۾ پنھنجي سائيڪل تي سامان کڻي پيدل وڃي رھيو ھو تہ اوچتو نالي ۾ ڪري پيو.
واقعي گذريل شام ساڍي 6 وڳي پيش آيو، جنھن جا سي سي ٽي وي فٽيجز بہ سامھون اچي ويا آھن.
پوليس موجب فوتي شخص جي سڃاڻپ ڪالي خان جي نالي سان ٿي آھي، فوتي زمان ٽائون سيڪٽر 34 ٿري جو رھائشي ھو.
پوليس جو چوڻ آھي تہ شروعاتي جاچ موجب نالي تي حفاظتي ديوار نہ ھجڻ سبب حادثو پيش آيو، پوليس موجب فوتي ڪالي خان ڪرائي جي گھر ۾ ٻارن سان گڏ رھندو ھو، کيس 2 ڌيئر ۽ ٻن پٽن جي اولاد آھي،شھري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعدسندس اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آھي.
ٻئي طرف علائقي واسين موجب نابينا ۽ خاص ٻارن جي سينٽر ۽ اسڪول جي سامهون موجود نالي جي حفاظتي ديوار نہ هئڻ بابت ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪيون ويون، پر ان باوجود نہ صفائي ڪئي وئي ۽ نہ ئي حفاظتي قدم کنيا ويا۔…