راولپنڊي : گذريل رات اڊيالا جيل ٻاھران ڌرڻو ھڻن تي عمران خان جي ڀيڻ عليمہ خان سميت 400 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، صدر بيروني ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ 35 سڃاتل سميت 400 ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي.
ڪيس ۾ عليمہ خان، نورين نيازي، قاسم خان، سلمان اڪرم راجہ ۽ عاليہ حمزا کي بہ نامزد ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ نعيم حيدر پنجوٿا، تابش فاروق، طيبہ راجا، ناديہ خٽڪ، ھارون، راجا اسد عباس، ظفر گونڊل، شفقت عباس ۽ علامہ راجا ناصر عباس کي بہ نامزد ڪيو ويو.
ڪيس ۾ رياست تي حملي جي مجرماڻي سازش جي منصوبابندي وارو قلم 120 بہ شامل ڪيو ويو آھي.
ايف آءِ آر جي متن موجب 14 جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدارن تي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ پوليس تي حملن جو بہ الزام آھي.
متن موجب جوابدارن حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف نعرا ھنيا، روڊ بند ڪيو، جوابدارن ڪارڪنن کي اڪسائيندا رھيا، جوابدار جي احتجاج سبب مقامي آبادي کي پريشاني کي منھن ڏسڻو پيو.
ڪيس ۾ چيو ويو آھي تہ پوليس پاران روڪڻ باوجود جوابدار سرڪار ۾مداخل ڪندا رھيا، جوابدارن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، شيشي جون بوتلون اڇلايون ۽ پوليس سان مزاحمت دوران اهلڪارن جون ورديون پڻ ڦاٽي ويون۔…..