ڪراچي : اسٽيٽ بينڪ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ۾ 500 بيس پوائنٽس جي گھٽتائي ڪئي آھي.
اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ منعقد ٿيو جنھن ۾ ايندڙ ڏيڍ مھيني لاءِ پاليسي ريٽ جو تعين ڪيو ويو.
اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ 500 بيس پوائنٽس جي گھٽتائي ڪئي، جنھن بعد وياج جي شرح 11 سيڪڙو مان گھٽ ٿي 10.5 سيڪڙو سطح تي اچي وئي آھي.
ياد رھي تہ اسٽيٽ بينڪ پاران پاليسي ريٽ گذريل 4 جائزن دوران 11 سيڪڙو سطح تي برقرار رکيو ويو ھو.
مئي 2025 ۾ اسٽيٽ بينڪ پاليسي ريٽ ۾ 100 بيس پوائنٽس جي گھٽتائي ڪندي ان کي 11 سيڪڙو تي آندو ھئو، جنھن بعد ھيل تائين وياج جي شرح ۾ ڪا بہ تبديلي ناھي ڪئي وئي….